اميد علي ڀٽ

اميد علي ڀٽ

اميد علي ڀٽ

اميد علي ڀٽ (فنڪار ):سنڌ جي نامياري راڳي اميد علي جو جنم 1971ع ڌاري ڳوٺ هڪڙا، تعلقي روهڙي ضلعي سکر ۾ ٿيو. هن جو تعلق سکر جي مشهور فنڪار گهراڻي سان هو. سندس والد امداد حسين عرف عيدن ڀٽ ريڊيو ۽ پي. ٽي. وي جو مشهور راڳي هو. پاڻ ڳائڻ جي تربيت ۽ سـکـيـا پـنهنجي والد ۽ مامي استاد زوار محمد جمن ڀٽ کان ورتائين. هن ننڍي عمر ۾ ئي راڳ جي شروعات ڪئي ۽ ڏينهن رات رياض ڪري پنهنجي آواز سان ڪلاسيڪل راڳ ڳائي مشهوري ماڻيائين. سندس سريلي آواز جي ڪري سينگار علي سليم کيس ڪي. ٽي. اين جي مقبول ڊرامي ”بالي“ ۾ مير علي نواز ناز جي ڪافي ’دلبر ملسي ڪهڙي وار‘ ڳارايو، جنهن کي هن تمام خوبصورت انداز ۾ ڳايو، جيڪا تمام گهڻي مقبول ٿي. اميد علي ريڊيو، پي. ٽي. وي، اسٽيج ۽ مختلف ٽي. وي چينلن تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. هن جو شمار سنڌ جي چند سريلن ۽ ڪلاسيڪل راڳين ۾ ٿئي ٿو. سنڌي ڪافي هجي يا غزل سندس ڳائڻ جو انگ نرالو رهيو، جنهن کي هُو سريلي آواز ۾ ڳائي داد حاصل ڪندو هو.
هن مشهور شاعرن جي شاعريءَ کي پنهنجي نئين انداز سان ۽ نيون ڌنون ڪري ڳايو آهي، جن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح، بيدل سائين، اختر درگاهي، اياز گل ۽ غلام نبي ناشاد شامل آهن. اميد جي ڳايل اختر درگاهي جي غزل ’دل جو دلبر ياد اچي ٿو‘، ’اي زمانان قرار ڳولي ڏيو‘ ۽ ’خوب نظرن سان نهاري ٿا ڇڏيو‘ شامل آهن. جڏهن ته سندس ٻين ڪمپوزيشن ۾ اياز گل جي وائي ’کسجي ويندي اچتو آهي هر خوشبو‘ غلام نبي ناشاد جي غزل ”اکڙيون ته مٺا تنهنجون منهنجي جان جلائين ٿيون“، شاهه لطيف جو ڪلام ’پرچن شال پنهوار‘ ۽ بيدل جي ڪافين ۾ ’جوڳي والي ويس ۾‘، ’لٽ ڏتئي دل ساڏي‘، ’جاني جوڳي دا ڪر بهانا‘، ’نئون نياپو آيو‘، ’عشق دا اعلي شان‘، ’ڪو نه ڏٺو سي جڳ منجهه جيڏيون‘ ۽ ’آوس نيڙي يار‘ تمام گهڻيون مقبول ٿيون. کيس روهڙي ۾ بيدل سائين جي عرس جي موقعي تي 2006ع ۾ سندس فن جي مڃتا طور بيدل يادگار ڪاميٽيءَ پاران ’بيدل اوارڊ‘ مليو. هن 10 جنوري 2012ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

00.00.1971  عيسوي

اميد علي جو جنم 1971ع ڌاري ڳوٺ هڪڙا ، تعلقي روهڙي ضلعي سکر ۾ ٿيو .


10.01.2012  عيسوي

اميد علي ڀٽ 10 جنوري 2012ع ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بهروز سبزواري
انصار برني
عاشق حسين سمراٽ
چانڊيو شادي خان ۽ سندس مقبرو
ڏاهري جان محمد
صالح بيگ مرزا ترخان ثاني
پيرزادو ميان عبدالرحمان
حڪيم ميان معين الدين کنياروي
شاهه ولي خان
سر اليگزينڊر فليمنگ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون